اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??اڪستان جي عوام 8 فيبروري تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي، پرتشدد روين جو رڪارڊ رکندڙ ڪجه?? عنصر سرڪاري ملازمن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پا??ستان رياست کان انهن جي وفاداري مٽائڻ جي لاءِ انهن تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ سميت مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن، پا??ستان رياست پنهنجا آئيني فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سرڪاري ملازمن جو دفاع ڪندي ۽ انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مثالي سزا ڏي??ريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري هڪ بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ??اڪستان جي عوام 8 فيبروري تي واضح طور تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته ??رتشدد روين جو ثابت ٿيل رڪارڊ رکندڙ ڪجه?? عنصر سوشل ميڊيا کي بليڪ ميلنگ جي لاءِ هٿيار طور اختيار ڪرڻ سميت هاڻي مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن ۽ سرڪاري ملازمن جون وفاداريون پا??ستان رياست تان هٽائي پرتشدد گينگ طرف ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اهي حربا آرٽيڪل 5 سميت آئين جي ٻين آرٽيڪلز ۽ ملڪي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. نگران وزيراعظم چيو ته ??اڪستان رياست پنهنجون آئيني ذميواريون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ سرڪاري ملازمن جو دفاع ڪندي، انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مثالي سزائون ڏي??رڻ کي يقيني بڻائيندي. نگران وزيراعظم چيو ته ??اڪستان جي عوام ۽ رياست جي خدمت ڪندڙ انهن عظيم سرڪاري ملازمن جي دفاع لاءِ اسان جي عزم ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي.