اسلام آباد -08 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان هارون شنواري چيو آهي، ته سڄي ملڪ ۾ ??خت حفاظتي انتظامن سان گڏ عام چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل بنا رڪاوٽ ۽ پرامن طريقي سان جاري رهيو. گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته تشدد ۽ ڌانڌلي جو ڪو به واقعو رپورٽ ناهي ٿيو، چونڊ عمل پرامن طور منعقد ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويا. هن چيو ته ??ڏي انگ ۾ ماڻهو پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپيل پولنگ اسٽيشنز تي وڃي رهيا آ??ن. ??ن چيو ته ??ولنگ اسٽيشنز تي عوام جو ٽر?? آئون تسلي بخش رهيو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شڪايتون داخل رڪڻ لاءِ هڪ هيلپ لائين قائم ڪئي آهي. عوام هيلپ لائين تي ڪال ڪري پنهنجون شڪايتون داخل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ??وٽرز 8300 تي ايس ايم ايس ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي ووٽ ۽ پولنگ اسٽيشنز جا تفصيل حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چئني صوبن ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون آهن.