اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آص?? علي زرداري کي ٻ??و ڀيرو پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبن جي چونڊيل ميمبرن آص?? علي زرداري تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر آص?? علي زرداري وفاق جي مضبوطي جي علامت هوندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آص?? علي زرداري پاڪستان جي صدر طور پنهنجون آئيني ذميواريون بهترين طريقي سان سرانجام ڏيندو. آص?? علي زرداري جو پاڪستان جي صدر طور چونڊجڻ جمهوري قدرن جو تسلسل آهي، اتحادي پارٽيون گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ڪنديون.