اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين ۽ سيدال خان ناصر کي ڊپ??ي چيئرمين سينيٽ چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ??نه?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??وجب وزيراعظم نئين چونڊيل سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپ??ي چيئرمين جي لاءِ پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپ??ي چيئرمين جي چونڊ جمهوري عمل تسلسل آهي، اميد آهي ته توهان آئين جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته توهان عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته وفاقي ڌرين جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽ جو ڪردار تمام اهميت رکندڙ آهي.