اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ هن عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ٻنهي ا??واڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي قطر سا?? گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ا??واڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. قطر جي امير پڻ گرمجوشي س??ن وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا امير قبول ڪندي خاطري ڪرائي ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. گذريل سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سا??گرهه ملهائي وئي. ٻنهي ا??واڻن هڪ ٻئي س??ن گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سمورن گڏيل لاڀائتن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.