اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته سعودي و??د جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان ۾ آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آه??، مون کي پورو يقين آه?? ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهون ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاسي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري و??نداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪابينا کي عيدالفطر جي م??ارڪباد ڏني ۽ رمضان المبارڪ جي برڪتن جي طفيل پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪ??ي. وزيراعظم چيو ته سعودي و??ي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورائتا آه??ون جو منهنجي تازي دوري کانپوءِ سندس خصوصي دلچسپي تحت سعودي و??د پاڪستان جو دورو ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪ??بينا ۽ لاڳاپيل عملدارن جي سعودي و??د جي ڪ??مياب دوري جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي و??د پاڪستاني وزيرن ۽ عملدارين جي تياري کان متاثر ٿيو ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آلسعود ان جو واضح اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي و??د جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پاڪستان آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آه??. ان حوالي سان نه ته پراڻي طريقيڪار تي هلڻ جي گنجائش آه?? ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏيندس. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي عوام سان ڪيل وچن موجب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين ۽ مون کي پورو يقين آه?? ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهياسين ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري و??نداسين.