اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??ير??ن سيڪيورٽي، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ويٽرنري هيلٿ، ثقافت ۽ عدالتي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ 8 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. صحيحن واري تقريب وزيراعظم ??ائوس ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ۽ ??ير??ن جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پڻ موجود هئا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي جي توثيق ڪئي وئي. سول معاملن ۾ تعاون جي لاءِ عدالتي معاونت جي معاهدي تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سي??يٽر اعظم ??ذير تارڙ ۽ ??ير??ن جي انصاف واري وزير امين حسين رحيمي صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويٽرنري ۽ حيوانات جي صحت جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ??ير??ن جي زراعت واري وزير جهاد محمد علي نيڪ بخت صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ ??ير??ن جي وچ ۾ جوائنٽ فري اڪنامڪ زون/ اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري عنبرين افتخار ۽ ??ير??ن جي صدر جي صلاحڪار ۽ سپريم ڪائونسل آف فري ٽريڊ انڊسٽريل اينڊ اسپيشل اڪنامڪ زونز واري سيڪريٽري حجت الله عبدالمالڪي صحيحون ڪيون. ??ير??ن جي وزارت ڪوآپريٽو ليبر اينڊ سوشل ويلفيئر ۽ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن واري جي ترقي واري وزارت واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي هڪ مفاهمت جي يادداشت تي اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ ??ير??ن جي روڊ ۽ شهري ترقي واري وزير ??هر داد بازرپاش صحيحون ڪيون. ٻنهي ڌرين پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ??ير??ن جي نيشنل اسٽينڊرڊ آرگنائيزيشن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون. مفاهمت جي يادداشت تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ??ير??ن جي رستن ۽ شهري ترقي واري وزير ??هر داد بازرپاش صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ ??ير??ن ميوچل ليگل ڪوآپريشن جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. مفاهمت جي يادداشت تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سي??يٽر اعظم ??ذير تارڙ ۽ ??ير??ن جي انصاف واري وزير امين حسين رحيمي صحيحون ڪيون. پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ??ير??ن جي آرگنائيزيشن آف سئنيما اينڊ آڊيو ويزوئل افيئرز جي وچ ۾ ٻنهي ملڪن ۾ فلمن جي مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان مفاهمت جي يادداشت تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ??ير??ن جي ثقافت ۽ اسلامي رهنمائي واري وزير ??حمد مهدي اسماعيلي صحيحون ڪيون.