اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران ا??سا??ي حقن جي حوالي سان تازو ئي جاري ڪيل 2023ع جي ڪنٽري رپورٽ کي مُڪمل طور تي رد ڪندي رپورٽ جي نقطن کي غيرمنصفاڻو، غلط معلومات تي ٻڌل ۽ زميني حقيقت جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اهڙي قسم جي غيرمطلوب رپورٽس جي تياري جي سالياني مشقن ۾ معروضيت جي کوٽ آهي ۽ ان جي طريقيڪار ?? فطري طور تي خاميون آهن. بيان موجب اهي رپورٽون ٻين ملڪن ۾ سياسي طور تي متعصباڻي انداز ۾ ا??سا??ي حقن جو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ ڊوميسٽڪ سوشل لينز جو استعمال ڪن ٿيون، هن سال جي رپورٽ ۾ معروضيت جي کوٽ ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ا??سا??ي حقن جي ايجنڊا کي سياسي بڻائڻ نمايان آهي، اهو واضح طور تي ٻٽي معيار کي ظاهر ڪري ٿو اهڙي طرح عالمي ا??سا??ي حقن جي ڳالهه ٻولهه کي نقصان پهچائي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ته سڄي دنيا ۾ ا??سا??ي حقن جي صورتحال کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ رپورٽ ۾ غزه ۽ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??سا??ي حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انتهائي اهم جاين کي نظرانداز يا گهٽ ڪيو ويو آهي. بيان موجب غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال، ا??سا??ي امداد کي هٿيار بڻائڻ ۽ 33 هزار کان وڌيڪ شهرين جي قتل عام کي رڳو سياسي طور تي محرڪ رپورٽ ئي نظرانداز ڪري سگهي ٿي، غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ تي آمريڪا جي خاموشي ا??سا??ي حقن بابت نام نهاد ملڪ جي رپورٽن جي پٺيان بيان ڪيل مقصدن جي خلاف آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي آئيني فريم ورڪ ۽ جمهوري اخلاقيات موجب پنهنجي ا??سا??ي حقن جي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائن، عالمي ا??سا??ي حقن جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي ا??سا??ي حقن جي ڳالهه ٻولهه ۾ منصفاڻي ۽ معروضيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي عزم تي ثاب?? قدم آهي، جيڪڏهن آمريڪا کي ان مشق ۾ شامل ٿيڻ ضروري آهي، ته اسان آمريڪي پرڏيهي کاتي کان اها اميد ڪريون ٿا ته هو ڏکين مسئلن جو جائزو وٺڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ ڏاهپ کان ڪم وٺي، ا??ڙي?? رپورٽن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ معروضيت، غيرجانبداري ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ان کي سمورين حالتن بابت سچ ڳالهائڻ جي لاءِ گهربل اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ ا??سا??ي حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انتهائي اهم جاين تي ظلمن جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.