بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪالهه سومر ڏينهن چين جي دوري جي موقعي تي بيجنگ ۾ گيزوبا گروپ جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. گيزوبا گروپ انرجي چائنا جو ذيلي ادارو آهي جيڪو پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪن??ڙ چين جي ناليواري ڪمپني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم شانگلا ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيئرمين سان تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 5 چيني شه??ي ۽ هڪ پاڪستاني شه??ي مارجي ويا هئا. ه?? ان ڪڌي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ چيني شه??ين جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ گيزوبا گروپ جي تعاون جو ذڪر ڪن??ي نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي قابل تجديد ۽ هائيڊل سيڪٽر ۾ پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ گيزوبا گروپ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سي پيڪ جي فيز 2 تحت پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي فراخدلي سان مراعتن جي آڇ ڪئي آهي جنهن کي گيزوبا گروپ پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري مقصدن کي وڌائڻ جي لاءِ اس??عم??ل ڪري سگهي ٿو. گيزوبا گروپ جي چيئرمين پاڪستان ۾ چيني شه??ين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي س??ور?? منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪن??ي ۽ تعاون جي نئين شعبن ۾ آپريشنز کي وڌيڪ سگهه ڏيندي.