راولپنڊي -01 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 7 ڪارروائين ۾ 833 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 3 جو??بدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف هيڊ ڪوا??ٽر راولپنڊي مان جاري رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران منشيات جي خاتمي وارين ڪارروائين دوران باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قطر ويندڙ مسافر کان 748 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. را??لپنڊي ۾ ڪارگو آفيس مان آسٽريليا موڪلي ويندڙ پارسل مان 400 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. ماشخيل مان 460 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. پشين روڊ ڪوئٽا ويجهو 319 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. ڪراچي م??ن ڪنٽينر جي ڳجهن خانن مان 41 ڪلوگرام آئس هٿ ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو موٽر سائيڪل سوار کان 7 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. سيالڪوٽ ۾ سمبڙيال ويجهو جو??بدار کان 4.8 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جو??بدارن خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.