آستانه – 04 – جولائي (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي ??ربراهي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سمٽ ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. آستانه جي نور سلطان نذر بايوف عا??مي هوائي اڏي تي قازقستان جي نائب وزيراعظم ڪنات بزمبايوف، قازقستان ۾ مقرر پاڪستان جي ??فير نعمان بشير ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم ک?? رخصت ڪيو.