ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئي??ا پهچي وي??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪوئي??ا پهچڻ تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اعظم نذير تارڙ، سردار اويس خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم سان بلوچستان ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبر ملاقات ڪندا. وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي آبادگارن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت پاران هڪ تاريخي پئڪيج جو پڻ اعلان ڪندو.