اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل انٽيليجنس آپريشن ۾ ج??ان?? جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آپريشن دوران هاءِ پروفائيل دهشتگرد سميت سماج دشمنن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحس??ن پيش ڪيو. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم ج??ان?? جي پٺيان بيٺل ??هي. صدر چيو ته دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو ڪيو ويندو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.