اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته محرم الحر??م جي مهيني خاص طور تي ع??شو??ي دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معاملن تي هم آهنگي ۽ رابطا وڌيڪ بهتر ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ محرم الحر??م دوران امن امان جي صورتحال جي حوالي سان ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محرم الحر??م جي مهيني خاص طور تي ع??شو??ي جي دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معاملن تي هم آهنگي ۽ رابطا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزارت سان لاڳاپيل ٻين معاملن تي پڻ ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.