اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪ??هن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، چيف سيڪريٽريز کنڊ جي ريٽيل پ??ائ?? مستحڪم رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. اهڙو اظهار هن ??وگر ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي ?? قيمتن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته کنڊ جي ايڪس ملز جي قيمت تازن مهينن ۾ مستحڪم رهي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته چيف سيڪريٽريز کنڊ جي ريٽيل پرائيس مستحڪم رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. هن ??وبن کي به کنڊ جي قيمت جي سختي سان نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي. راڻا تنوير حسين چيو ته کنڊ جي قيمتن کي برقرار رکڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪ??هن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.