اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏي?? عرب امارات جي هم منصب شيخ محمد بن راشد ??لم??توم جا آزادي جي ڏهاڙي ??ي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃيا آهن. هن چيو ته امن، ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي آئون گڏي?? عرب امارات جي قيادت ۽ عزت مآب جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. مون کي يقين آهي ته گڏجي ڪم ڪري اسان پنهنجي ماڻهن جي روشن مستقبل ??ي تعمير ڪري سگهون ٿا. گڏي?? عرب امارات (يو اي اي) جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد ??لم??توم جي مبارڪباد واري پيغام جي جواب ۾ وزيراعظم پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي لکيو ته پاڪستان ۽ گڏي?? عرب امارات جو ڀائيچارو زندهه آباد. گڏي?? عرب امارات جي وزيراعظم آزادي جي ڏهاڙي ??ي موقعي تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، ترقي جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ خوشحالي ۽ ڪاميابي جي مستقبل ??ي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ملڪ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.