اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي، نوجوان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي ??ي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي ??گ??ن ٿا، پاڪستان جا نوجوان بي پناهه صلاحيتن سان ما??امال آهن، ملڪ جي نوجوانن ۾ مثبت تبديلي جو سبب بڻجڻ جي ??هليت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تعليم هر ٻار ۽ نوجوان جو حق آهي، تعليم سان ملڪ جو مستقبل روشن ٿيندو. نائب وزيراعظم چيو ته سڀني ٻارن کي چوندس ته سکڻ جي ??مل کي سدائين جاري رکن. تخليق ۽ تعليم جي ??متياز کي اختيار ڪري ت??قي جا نوان رستا ڳولين. هن چيو ته اتحاد ۾ اسان جو مستقبل آهي، نفرت کي دفن ڪري ڇڏڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ??وري دوران ٻڌايو ويو ته ڪجهه بلوچ ناراض آهن، آئون چوان ٿو ته ڪو به پنهنجي ڌرتي ماءُ کان ناراض نه ٿو ٿي سگهي، پنهنجي مسئلن جو حل گڏجي ڳولين. جيتوڻيڪ ناراضگي جي نالي تي دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته نوجوان نسل محنت کي پنهنجي ??رجيح بڻائين، حڪومت نوجوانن کي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي قيام جو مقصد نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ به آهي. نوجوان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي ??گ??ن ٿا. هن چيو ته ت??قي ۽ خوشحالي جي ??هد ۾ نوجوان حصيدار آهن. نائب وزيراعظم چيو ته 1998ع ۾ پاڪستان ائٽمي قوت بڻيو، اسان پنهنجي ??فاع تي ڪڏهن به ٺاهه ناهي ڪيو. قومي مفاد اسان جي ??ڀ کان پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته اسان کي بي پناهه چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان جو مستقبل اڄ جي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. 2013ع جي ??ڪومت ۾ پاڪستان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچايو، ان وقت پاڪستان بابت ڊيفالٽ جو چيو ويو پر پاڪستان دنيا جي ??ڀرندڙ معيشت بڻيو. محمد اسحاق ڊار چيو ته پي ڊي ايم حڪومت پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ هئي، اسان جا دشمن چاهين ٿا ته پاڪستان کي معاشي طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي.