اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي ظا??ماڻو ۽ شرمناڪ فعل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چ??و ته ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. صدر مارجي ويل ٻارن جي ايصال ثواب ۽ زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ د??ا ڪئي.