اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارليامينٽرين کي پاڻ ۾ گڏجي ويهي ميثاق پارليامينٽ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ??مير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چ??و ته ايوان جو ماحول سٺو آهي، ا??له ڪري ته ان ۾ وڌيڪ بهتري اچي. اسان بلاول ڀٽو زرداري، خواجه آصف، اسحاق ڊار، بئريسٽر گوهر، مصطفيٰ ڪمال، محمود خان اچڪزئي ۽ عاطف خان جا ٿورائتو آهيون، اسان کي وسارڻ گهرجي ??ه ماضي ۾ ڇا ٿيندو رهيو آهي، اسان جي ليڊرشپ چاهي پاڻ ۾ گڏجي ويهي يا نه ويهي پر ڇا اسان جا پارليامينٽرين پاڻ ۾ گڏجي ويهي ميثاق پارليامينٽ تي اتفاق نٿا ڪري سگهون، ڇا اسان بهتري طرف نٿا وڃي سگهون. هن چ??و ته اسان کي ماڻهن جي ??قن ۽ مسئلن جي ڳالهه ٻاهر وڃي ڪرڻ بدران هن ايوان ۾ ڪرڻ گهرجي، پر آئين جي ??ائري ڪار ۾ رهندي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، جڏهن چ??ف وهپس جي گڏجاڻي ٿي هئي ان ۾ چيو ويو هو ته حڪومتي اتحاد کي وڌيڪ وقت ملڻ گهرجي پر رڪارڊ مان ثابت ٿيو آهي ته اسان مخالف ڌر کي وڌيڪ وقت ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر هتي نه ڳالهائيندي ته ڪٿي ڳالهائيندي؟ مون پنهنجي ??مير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، مون قومي اسيمبلي ۾ مٿان قدم کنيا آهن، سيڪيورٽي جي ??ميواري سارجنٽ ايٽ آرمز ۽ ان سان گڏ موجود اهلڪارن جي هئي جنهن تي کين معطل ڪيو ويو، سي ڊي اي جي ??سٽاف کي معطل ڪيو ويو ۽ کين هتان کان ٽرانسفر ڪرڻ جي ??فارش ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته 17 ڊسمبر 2018ع تي اٽارني جنرل جي ??فيس مان خواجه سعد رفيق جي ??والي سان هڪ خط اسان کي مليو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پروڊڪشن آرڊرز جاري نٿا ٿي سگهن، ا??ڙي طرح 22 جون 2019ع ۽ 6 آگسٽ 2019ع تي به اسان کي انهي نوعيت جا خط مليا هئا. هن چ??و ته غلط شيءَ ڪنهن شيءَ کي درست نٿي ڪري سگهي، جيڪو به مناسب هوندو مان پنهنجي ??ميواري پوري ڪندس ۽ ان واقعي جي ??هه تائين پهچي ويندس. هن چ??و ته مخالف ڌر ۽ حڪومت ٻنهين کي اسپيڪر سان گڏجي ويهڻ گهرجي.