اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته ڪراچي ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پيون، ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال جو مسئلو موجود آه??، تازين برساتن دوران ڪي – اليڪٽرڪ احتياطي قدمن تحت 300 فيڊر بند ڪيا، جيڪي واقعا پيش آيا انهن جو تعلق برسات سان آه??، ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪا ڪوتاهي سامهون ناهي آئي، لوڊشيڊنگ رڳو انهن علائقن ۾ ڪئي پئي وڃي جتي بجلي چوري يا لائين لاسز وڌيڪ آه??. هو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن سيد امين الحق، محمد معين عامر پيرزاده، نگهت شڪيل خان ۽ رعنا انصار جي ڪي – اليڪٽرڪ جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏئي رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڪري ڪي – اليڪٽرڪ احتياطي قدمن تحت پنهنجي 1800 فيڊرز مان 300 فيڊرز کي بند ڪيو، اهي فيڊرز انهن جاين تي بند ڪيا ويا جتي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو هو. هن چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ ڪراچي ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون، ڪرنٽ لڳڻ جو ڪو واقعو پيش نه آيو، 24 اهڙا واقعا ٿيا جيڪي گهرن ۾ اندروني وائرنگ ۽ شارٽ سرڪٽ جي ڪري پيش آيا، هڪ ايف آءِ آر داخل ٿي جنهن جي جاچ ٿي ته ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪوتاهي سامهون نه آئي. هن چيو ته ڪراچي ۾ تازين برساتن دوران 24 واقعا رپورٽ ٿيا، 24 فوتگيون ناهن ٿيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن کان موجوده حڪومت وجود ۾ آئي آه??، ملڪ ۾ بجلي جي نظام کي ٺي?? ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، رڳو انهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آه?? جتي بجلي چوري يا لائين لاسز وڌيڪ آه??، لوڊشيڊنگ انهي تناسب سان ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪي – اليڪٽرڪ سميت بجلي جي ٻين ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ قدمن تي مسلسل بريفنگ وٺي رهيو آه??. هن چيو ته ڪيپسٽي جا مسئلا بلڪل نه آه??، ڪجهه علائقن ۾ ٽيڪنيڪل فالٽ جي ڪري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آه??، جيڪڏهن ٽيڪنيڪل فالٽ نه هجي ته لائين لاسز يا بجلي چوري جي ڪري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آه??. هن چيو ته ڪراچي م ڪجهه واقعا ٿيا جن جو تعلق برسات سان آه??، ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪا ڪوتاهي نه ڏٺي وئي. هن چيو ته ڪي – اليڪٽرڪ جي حوالي سان معاملو ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن اسيمبلي ميمبر جا خدشا ختم ٿي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪي – اليڪٽرڪ سولر ۽ ونڊز پاور پراجيڪٽس جي حوالي سان پنهنجي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ڪوشش ڪئي آه??، ان ۾ 7 بڊز آيون آه??، شفاف طريقي سان سولر ۽ ونڊز پاور جا پراجيڪٽ هنيا ويندا، ان سان ڪراچي جا ڪيترائي مسئلا حل ٿيندا. ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال جو مسئلو موجود آه??، جنهن جي ڪري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون پون ٿيون. 300 فيڊرز به انهي جي ڪري بند ڪيا ويا. هن چيو ته ڪيپسٽي پيمنٽس جي حوالي سان نيشنل ٽاسڪ فورس قائم آه?? جيڪا پوري آءِ پي پيز جي نظام تي نظرثاني ڪري رهي آه??. ڪي – اليڪٽرڪ جي منصوبن تي پڻ ٽاسڪ فورس نظرثاني ڪندي، جيڪي خدشا آه?? انهن کي ختم ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به ??دا??ي جي بجيٽ جي تياري ۾ ان جي آپريشنز ۽ مينٽيننس جي لاءِ جدا فنڊز رکيا وڃن ٿا، انهن فنڊز کي مرمت وغيره جي ڪمن تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته جولاءِ دوران معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون، جيڪي مسئلا آيا آه?? اهي مرمت جي ڪم جي ڪري نه پر پاڻي جي نيڪال جي ڪري هئا. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان ان معاملي ۾ سٺي ڪوآرڊينيشن رهي آه??، پاڻي جي نيڪال جي حوالي سان هن تمام گهڻو ڪم ڪيو آه??. توانائي واري وزير کي درخواست ڪنداسين ته ڪي – اليڪٽرڪ جي مينٽيننس بجيٽ وڌائي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه ماڻهن گرڊ اسٽيشن تي حملو ڪيو ۽ زبردستي فيڊرز آن ڪيا، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان خوش اسلوبي سان معاملا هلي رهيا هئا، جهڙي طريقي سان گرڊ اسٽيشن تي وڃي فيڊرز کي آن ڪيو ويو اهو ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهجيو پئي. خدا نه ڪري جيڪڏهن ڪا گرڊ اسٽيشن ٽرپ ڪري وڃي ته ان جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو. پيسڪو ان معاملي تي قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آه??، اسان جي درخواست آه?? ته انهن معاملي کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، گرڊ اسٽيشن تي حملو ڪرڻ ڪنهن مسئلي جو حل نه آه??.