اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستقبل جي گڏيل قومن جي ??ربراهي اجلاس جي لاءِ پنهنجي ??ميدن جو خاڪو پيش ڪ??دي اسرندڙ ملڪن جي وڌندڙ قرضن جي ??ار سميت عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر عالمي تعاون تي زور ڏنو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف 48هين عالمي اڳواڻن سان ورچوئل اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ هلندڙ مهيني نيويارڪ ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ??جلاس جي ??والي سان حڪمت عملي جوڙي وئي. وزيراعظم چيو ته مستقبل جو سربراهي اجلاس هڪ عظيم موقعو فراهم ڪري ٿو ۽ اسان کي ان موقعي کي وڃائڻ نه گهرجي. هن ورچوئل لائيو ايونٽ کي عالمي ڪال ٽو ايڪشن جو حصو قرار ڏنو، جيڪو 22 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ گڏيل قومن جي ??ربراهي اجلاس جي ??مايت ڪرڻ جي لاءِ آهي. ان تاريخي اجلاس ۾ 130 کان وڌيڪ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ??رڪت متوقع آهي، جيڪي گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي ۾ 24 هين سيپٽمبر تي شروع ٿيندڙ سالياني اعليٰ سطحي مباحثي کان اڳ منعقد ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ??مٽ آف دي فيوچر کان اڳ ورچوئل اجلاس گلوبل ڪال کي خطاب ڪ??دي چيو ته 22 ۽ 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن تحت منعقد ٿيندڙ اجلاس، سمٽ آف دي فيوچر ۾ مستقبل جي لاءِ پائيدار ترقي، ترقياتي سيڙپڪاري، عالمي امن ۽ سلامتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جدت ۽ ڊيجيٽل تعاون، نوجوان ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل ۽ عالمي گورننس ۾ بدلاءُ تي حڪومتن جي وچ ۾ عملي قدمن تي ٻڌل هڪ مستقبل جو معاهدو (Pact of the Future) طئي ٿيندو. سمٽ آف دي فيوچر کان اڳ وزيراعظم نميبيا جي ??در نانگولو بمبا (Nangolo Mbumba) ۽ جرمن چانسلر اولاف شولز جي ميزباني ۾ منعقد ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪيو. اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي ??ڳواڻن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم ورچوئل اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن کي معاشي طور تي ڪمزور ملڪن جي لاءِ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلان پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته نئين عالمي چئلينجز ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ سان دنيا جي ورڇ ٿيڻ جو خطرو آهي، دنيا کي متحد ڪرڻ جي لاءِ برابري ۽ انصاف ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته غزه جي مسلم??نن جون مصيبتون عالمي اتحاد جي کليل توهين آهي. هن چيو ته معاشي طور تي ڪمزور ملڪن تي قرضن جو بار ۽ غربت ۾ اضافو عالمي اتحاد ۾ رڪاوٽ آهن. اهڙي طرح معاشي ورڇ، عدم برداشت، دهشتگردي، غيرقانوني غاصباڻي قبضي ۽ ماحولياتي تبديلين تي غيرسنجيدگي پڻ عالمي اتحاد ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي. وزيراعظم قرار ڏنو ته پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي معاشي ڍانچي جا سڌارا ضروري آهن. هن وڌيڪ چيو ته رعايتي قرض، رسمي ترقياتي معاونت ۽ ترقياتي بئنڪن کان قرضن ۾ اضافو معاشي طور تي ڪمزور ملڪن ۾ پائيدار ترقي جي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، عالمي برادري کي ترقياتي سيڙپڪاري جي ??ديد طريقن بابت سوچڻو پوندو، واجب الادا قرضن جي موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ ٿيڻ جي ??جازت ۽ قرضن جي ??رابراڻي معافي انهن جديد طريقن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده دور ۾ ٽيڪنالاجي ۾ جدت ترقي جي ??مانت آهي، هر شخص خاص طور تي زمين جي ڏاکڻي ملڪن ۾ هر شهري جي ??ديد ٽيڪنالاجي ??ائين برابر پهچ اهميت رکندڙ آهي، اسان کي دنيا کي ٽيڪنالاجي ??ي غلط استعمال کا?? پڻ محفوظ رکڻ جي ??رورت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ناانصافي ۽ اڻبرابري مقامي ۽ عالمي سطح تي خراب عنصرن کي استحصال جو موقعو ڏين ٿا، موسمياتي تبديلي ۽ قرضن جي ??ار هيٺ دٻيل قومون، دهشتگردي ۽ غلط معلومات جي چئلينجز ۾و رتل ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، انهن سمورن خطرن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ۽ تعاون انتهائي لازمي ٿي چڪو آهي، سمٽ آف دي فيوچر عالمي تعاون جي پرچار جي لاءِ هڪ اهم موقعو آهي جنهن کي اسان کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي.