اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ۾ آهي جتي هو جمعي ڏينهن 27 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن تي گڏيل قومن ??ي اهتمام هيٺ منعقد تقريب سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ گولز ۾ شرڪت ڪئي جتي هن موسمياتي تبديلي بابت آفتن ۽ غيرمنصفاڻي عا??مي مالياتي نظام سان وڌندڙ قرضن جي ڄار کان بچڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته وزيراعظم سمنڊن جي سط?? ۾ اضافي جي ڪري وجودي خطري تي اعليٰ سط??ي اجلاس ۽ گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪالهه هڪ مباحثي ”ليڊرشپ فار پيس“ ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل ۾ اعليٰ سط??ي مباحثي دوران وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر، يورپ ۽ ٻين جاين تي پکڙجندڙ جنگيون، وڏين طاقتن جي ڇڪتاڻ ۽ وڌندڙ غربت ورلڊ آرڊر جي بنيادن جي لاءِ خطرو آهن. هن عا??مي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدمن ??ي تجويز ڏني. ترجمان چيو ته پاڪستان انهن مقصدن جي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ عمل پيرا ٿيندو جڏهن هو ايندڙ سال ڪائونسل ۾ پنهنجي سيٽ سنڀاليندو. هن چيو ته گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم مالديپ جي صدر ڊاڪٽر ميوزو، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، ايران جي صدر مسعود پازشڪيان، فل??طين جي صدر محمود عباس، ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ الصباح ۽ گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون.