اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو آهي ته سعودي قيادت سان ملاقاتن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مضبوط ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي حصيداري جي ذريعي پاڪ سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش ج?? ورجاءُ ڪندس. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد شه??اد?? محمد بن سلمان جي دعوت تي اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايتو ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ خوبصورت شهر رياض پهتو آهيان، سڀني جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ سياسي، ڪاروباري ۽ ڪارپوريٽ ادارن جي اڳواڻن جي ان متاثر ??ند?? ميڙ ۾ شرڪت جو منتظر آهيان. هن چيو ته سعودي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مضبوط ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي حصيداري جي ذريعي پاڪ سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش ج?? ورجاءُ ڪندس.