راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي ف??ڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير ڪرنل جنرل ال??گيزنڊر وي ف??مين نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو ۽ نيول چيف ايڊمرل ن??يد اشرف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي پيشوراڻن معاملن، علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻه طرفي بحري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آ?? موجب نيول چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان رشين فيڊريشن سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداريءَ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ ٻنهي بحري ف??جن وچ ۾ ٻه طرفي تربيت، بحري جنگي جهازن جي دؤرن ۽ ٻه طرفي بحري مشقن جو بندوبست ڪرڻ سميت مختلف پهلوئن تي پڻ غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ميري ٽائم سيڪيورٽي ۽ بحري ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. روسي ف??ڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير خطي ۾ ميري ٽائم سيڪيورٽي ۾ پاڪ بحريه جي مستقل ڪوششن ۽ بلند عزم جو اعتراف ڪيو.