اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سا?? بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم رائزنڪوف پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم رائزنڪوف ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن ۽ صدر لوڪاشي??ڪو جي پاڪستان جي دوري جي ايجنڊا ۽ پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن پاڪستان بيلاروس لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطح جي دو??ن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته صدر لوڪاشي??ڪو جي دوري سا?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن وچ اوڀر جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن تڪرا??ن جي پرامن حل جي لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس موقف جي ضرورت تي زور ڏنو. هو ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشي??ڪو جي دوري جي ايجنڊا ۽ پروگرام کي حتمي شڪل ڏيندا جيڪو اڄ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ??هچندو.