اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي چوٿون بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مب??رڪباد ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن تي ٽورنامينٽ کٽي پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو ۽ ملڪ جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٽي 20 بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ فائنل ۾ بنگلاديس کي 10 وڪيٽن تان هارائڻ تي پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو ۽ ملڪ جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت هر سطح تي راندين جي ف??وغ جي لاءِ پرعزم آهي، خصوصي ماڻهن کي راندين جي ميدان ?? سهولتن جي ف??اهمي حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.