اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت سمورن پارليامينٽ ۽ صوبائي ا??يمبلي ميمبرن لاءِ لازم آهي ته اهي پنهنجا، سندن ڪٽنبن جي ا??اثن ۽ رهتن جا مالي گوشوارا سال 24-2023?? جا تجويز ڪيل فارم بي مقرر ڪيل تاريخ کان پهرين يا31 ڊسمبر 2024ع تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائين. اليڪشن ڪميشن مط??بق سيڪشن 137 تحت اثاثا ۽ بقايائن جا گوشوارا فراهم ڪرڻ لازمي آهن، هر اسيمبلي ميمبر 30 ج??ن تائين پنهنجا ۽ سندن ڪفالت هيٺ فيملي ميمبرن جا اثاثا ۽ بقايائن جا گوشوارا تجويز ڪيل فارم بي هر سال 31 ڊسمبر کان پهرين يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائي. سيڪشن 137 جي ذيلي شق (2) تحت هر سال پهرين جنوريءَ جي مقرر تاريخ تائين گهربل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا هڪ پريس رليز ۾ شايع ڪيا ويندا. 16 جنوريءَ تي هڪ حڪم تحت ڪميشن 15 جنوريءَ تائين ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ۽ صوبائي ا??يمبلي جي ميمبرن رڪنيت معطل ڪئي ويندي ۽ ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تائين اهي پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارروائيءَ ۾ حصو نه وٺي سگهندا. ان حوالي سان تيار ڪيل هدايت نامو/رهنمائي سان مقرر فارم بي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد، لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس، سينيٽ سيڪريٽريٽ، قومي ۽ صوبائي ا??يمبلين جي سيڪريٽريٽ مان مفت حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ تان به ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا.