اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀ??و جي 17هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس شخصيت اميد، سگهه، جمهوريت ۽ انصاف جي اصولن سان پختي وابستگي جو مجسمو هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد بي بي اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه هئي، هن هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو جتي رنگ، طبقي ۽ مسلڪ کان مٿانهون ٿي سمورن شهرين جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ عوام جي طاقت راڄ ڪندي. هن چيو ته محترمه بينظير ڀ??و چيو هو ته ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“، اهي لفظ ڏاڍ ۽ آمريت جو منهن ٽوڙ جواب ئي نه هئا پر عوامي طاقت تي ان جي گهري اعتماد جا عڪاس به هئا. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀ??و هڪ اهڙي پاڪستان ??ي خواهشمند هئي جتي هر ٻار کي تعليم تائين پهچ حاصل هجي، جتي عورتون برابري جي بنياد تي ترقي ڪري سگهن ۽ جتي انصاف هڪ آسائش نه پر حق هجي. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀ??و پنهنجي سموري زندگي معاشري جي پيڙهيل طبقن ۽ عورتن ??ي خودمختياري جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ ۾ لڳائي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀ??و جي زندگي بي پناهه جرئت جو سفر ۽ اسان جي لاءِ تحريڪ ۽ همت جو سبب هئي، مشڪلاتن ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام ۽ عوام جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي تحفظ جي لاءِ آمريتن ??ي خلاف ڄميل رهي. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀ??و واضح لفظن ۾ چيو ته ”ناانصافي ۽ ظلم ??ي خلاف جنگ منهنجي زندگي جي جنگ آهي“. ان مقصد جي لاءِ هوءَ سڄي زندگي وڙهي ۽ شهادت ماڻي ۽ اڄ به لکين ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد بي بي جو پختو يقين هو ته ”هڪ انسان کي قيد ڪري سگهج?? ٿو پر هڪ نظريي کي نه، هڪ انسان کي جلاوطن ڪري سگهج?? ٿو پر هڪ نظريي کي نه، هڪ انسان کي قتل ڪري سگهج?? ٿو پر هڪ نظريي کي نه.“ صدر چيو ته بطور صدر پاڪستان آئون شهيد بينظير ڀ??و جي هڪ پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان جي ويزن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. هن چيو ته شهيد بي بي جو نظريو اڄ به زندهه آهي ۽ اسان کي هڪ متحد ۽ انصاف تي ٻڌل پاڪستان جي تعمير جي لاءِ اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ جو درس ڏ?? ٿو، تنهن ڪري اچو اسان محترمه بينظير ڀ??و جو نه رڳو شهادت جو ڏهاڙو ملهايون پر ان جي پائيدار ميراث جي پيروي ڪرڻ جو وچن ڪريون. صدر چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀ??و ۽ اسان ??ي خاندان جمهوريت ۽ پاڪستان جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته اهو منهنجو پختو يقين آهي ته اسان کي بحيثيت قوم ملڪ کي موجوده چئ??ينجز مان ڪڍڻ جي لاءِ سندس ويزن مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اچو شهيد بينظير ڀ??و جي هڪ پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان ??ي خواب جي تڪميل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀ??و جي ميراث ابدي آهي، سندس همت بي مثال آهي ۽ سندس ويزن اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي.