اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ملڪ مان انساني اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، هڪ هفتي جي اندر انساني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو وڃي ۽ انهن جي خلاف قانوين ڪارروائي ڪئي وڃي، گهرو وزير جي سربراهي ۾ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊسمبر 2024ع ۾ يونان ويجهو ٻاهرئين ملڪ رهن??ڙن جي ٻيڙيءَ کي پيش ايندڙ حادثي جي ڏس ۾ مشتاق سکيرا جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزير??عظ?? جامع رپورٽ جوڙڻ تي مشتاق سکيرا جا ٿورا مڃيا. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته هڪ هفتي جي اندر انساني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو وڃي ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزير??عظ?? انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف پراسيڪوشن جي عمل ??ي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزير??عظ?? پڇاڻو ڪيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف هيستائين ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ ويندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ ويزا جي ڇنڊڇاڻ ۽ ٻين قاعدن ۽ ضابطن کي موثر بڻايو وڃي، پاڪستان حڪومت ملڪ مان انساني اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. وزير??عظ?? گهرو وزير جي سربراهي ۾ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزير??عظ?? کي ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڊسمبر 2024ع تي يونان ويجهو ٻاهرئين ملڪ رهن??ڙن جي ٻيڙيءَ کي پيش ايندڙ حادثي ۾ پاڪستانين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي لاشن جي وطن واپسي جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.