اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري و??اقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گ??يل دلچسپ?? جي معاملن ۽ پاڪ -آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. گهرو وزير محسن نقوي پاڪ -آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي خدمتن کي ساراهيو. گهرو وزير محسن نقوي آمريڪي سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير پاڪستان ۾ تازو ٿيل دهشتگرد?? جي واقعن ??ي مذمت ڪئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي گڏجي دهشتگرد?? جي مڪمل خاتمي لاءِ لائحه عمل بڻائڻو پوندو. ڪنهن به غير قانوني پرڏيهي کي پاڪستان ۾ رهڻ جي هرگز اجازت نه ڏني و??ندي. آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان ۾ مقرري دوران سمورن ادارن جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ آمريڪي ڊپٽي هيڊ آف مشن نيٽلي بي??ر به ان موقعي تي موجود هئي.