سيالڪوٽ – 23 نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف جي ترجمانن س??دس صحت جي حولي سان واويلا مچائي رکي هئي، شهباز شريف ضد ڪري مخالف ڌر اڳواڻ جو عهدو ورتو ۽ هاڻي پاڻ ئي ڇڏيو هليو ويو. صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت هڪ جهڙي تعليمي نظام ۽ نصاب تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ سموريون صوبائي حڪومتون وزيرا??ظم جي ويزن موجب پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهن اسان تعليمي پاليسي ۾ رڳو داخلا ئي نه پر جاب پورٽل پڻ ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن باصلاحيت ن??جوان تعيلم کان فارغ ٿيندي ئي روزگار سان لڳي سگهن.