اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ تذويراتي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسلا ڪتب آندا وين??ا، پاڪستان جي جوهري ?? تذويراتي صلاحيت هڪ مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جي تحت مڪمل طور تي محفوظ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپارڪو جي سيٽلائيٽ گرائونڊ اسٽيشن جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم کي اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مقامي صلاحيت جي ترقي ۾ اسپارڪو جي ڪاميابين سان گڏوگڏ قو??ي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ س??اجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اسپارڪو جي خدمتن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.