اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪ??ان?? اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 208 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان ??ائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 34 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دورا?? فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ڊ – 19 جا 38 هزار 544 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 12 هزار 430، پنجاب ۾ 15 هزار 3، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 473، اسلام آباد ۾ 5 هزار 975، بلوچستان ۾ 626 ، گلگت بلتستان ۾ 297، آزاد ڪشمير ۾ 740 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??ڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 25 هزار 788 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??ڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??ڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 869 وينٽيليٽرز تي ڪو??ڊ – 19 جا 228 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 63 هزار 380 آهي.