پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جا وسي??ا محدود آهن ۽ حڪومتي آمدني جو اڌ حصو قرضن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي جنهن جي ڪري حڪومت ل??ءِ سڄي ملڪ ج?? هر علائقي ۾ جديد اسپتالن جو قيام سرڪاري فنڊز مان ممڪن نه آهي، اهڙي ۾ جيڪڏهن هڪ طرف پرائيويٽ اسپتالن جي قيام جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ۽ ٻي طرف صحت سهولت ڪارڊ جهڙين اسڪيمن تحت عوام کي سرڪاري خرچ تي نجي اسپتالن ۾ علاج جي جديد سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته اهو ملڪ ج?? عوام جي مفاد ۾ آهي. هو پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي (پي آءِ سي) جي افتتاح کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.