اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسمگلنگ جي ڪري معيشت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچي رهيو آهي، اسمگلنگ ۾ ملو?? عنصرن جي خلاف سخت ترين قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسمگلنگ جي روڪٿام بابت قدمن تي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالر??اق دائو??، وزيراعظم جو خاص مددگار شهزاد اڪبر، وزيراعظم جو روينيو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود خان، ڪامرس، پيٽروليم، بحري معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سيڪريٽرين، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.