اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) ??اب??نا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيشنل ٽيرف پاليسي 24 – 2019ع تحت 152 ٽيرف لائينز، جنهن ۾ گهڻو ڪري خام مال شامل آهي، تي 2 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي جي خاتمي ۽ گلستان بينظير ٽائون شپ پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولتن، پاڻي جي سيوريج ۽ فراهمي جي نظام جي لاءِ ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جي اصولي طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي، اي سي سي پاسڪو کان خيبرپختونخواهه جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن، آزاد ??مو?? ۽ ڪشمير جي لاءِ 80 هزار ميٽرڪ ٽن ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي فراهمي ۽ نئين فصل جي پيداوار حاصل ڪرڻ تائين اضافي ڪڻڪ جي درآمد جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آ??ي. ??اب??نا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاق?? وزير ڊاڪٽر عبدالح??يظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.