اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ريلويز سياحت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري سگهي ٿي، ٽوئرسٽ سفاري ٽرين ان ڏس ۾ اهم قدم آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اع??م خان سواتي سان گڏ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي سفاري ٽرين جو افتتاح ڪرڻ جي م??قعي تي ڪيو. ٽوئرسٽ سفاري ٽرين هر جمعي، ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن سياحن کي گولڙه اسٽين کان حسن ابدال، اٽڪ خورد ۽ اٽڪ سٽي ۽ ڀرپاسي جي جاين جي سير ڪرائيندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٽوئرسٽ سفاري ٽرين حڪومت پاران مقامي سياحت جي فروغ لاءِ اهم قدم آه??، سفاري ٽرين جو تصور سٺو آهي. تفريح ۽ سياحت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ريلوي واري وزير سينيٽر اع??م سواتي چيو ته تاريخي گولڙه ريلوي اسٽيشن تان ٽرين قديم روٽ تي هلندي جنهن سان پاڪستان جو ثقافتي ۽ تاريخي ورثو ڏسڻ لاءِ ملندو. هن چيو ته پاڪستان ريلوي هڪ قيمتي اثاثو آه??، سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ان ٽرين کي آندو ويندو. هن چيو ته ريلوي واري وفاقي وزير محمد اع??م خان سواتي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سفاري ٽرين جي ڪري تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملند??، سياحت جي فروغ ۾ پاڪستان ريلوي اهم ڪردار ا??ا ڪري سگهي ٿي. اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهڙا قدم کنيا ويندا جنهن سان نه رڳو اداري کي م??افعو ڏيندڙ بڻايو ويندو پر پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. سينيٽر تاج محمد آفريد??، سينيٽر سجاد حسين طوري، مرزا محمد آفريدي، اورنگزيب اورڪزئي، نصيب الله بازئي، دلاور خان ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ماڻهن کانسواءِ عوام جو وڏو انگ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي م??جود هو. سينيٽ چيئرمين، وفد جي م??مبرن ۽ ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اع??م خان سواتي م??وزيم جو دورو پڻ ڪيو.