اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سماجي مسئلن، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت درست حڪمت عملي تحت عام ماڻهو کي ڪورونا وبا کان بچائڻ ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لا??ِ جامع قدمن کنيا، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضا??طو آڻڻ جي ڪوششن جا ثمر جلد عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڊجيٽل ميڊيا انفلوئنسرز سان هڪ ويهڪ ۾ ڪيو. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت گهڻي وڌي وئي آهي، اها عوامي راءِ بڻائڻ جو ذر??عو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جا ڪيترائي رخ سامهون آيا آهن، ان سان جتي ماڻهن جو وڏو تعداد فائدو کڻي رهيو آهي اتي ان جي استعمال جي باري ۾ اعتراض به ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ جعلسازي جي ذر??عي ماڻهن ک?? لُٽڻ ۽ ڪوڙيون ۽ من گهڙت خبرون پکيڙڻ جو ذر??عو هجڻ به شامل آهي. هن چيو ته ميڊيا جي طاقت ۽ ذميداراڻي ڪردار ۾ توازن تعمير ۽ ترقي لا??ِ تمام گهڻو اهم آهي، صحت ۽ احتياط، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سماجي قدرن ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لا??ِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.