ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ????وي ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي انقلاب لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي فروغ تي زور ڏنو. هو گورنر هائوس ۾ پاڪستان ري??وي ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ خاتو?? ا??ل بيگم ثمينه ع??وي به موجود هئي جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙ?? پاڪستان ري??وي جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ڪراچي محمد حنيف گل، ٽي سي ايف جي جنرل مينيجر راحيله فاطمه شڪيل، انصاف ڪميونٽي سوسائٽي جي صدر زاهد اصغر شامل هئا. صدر خصوصي ٻارن کي تعليم فراهم ڪري انهن کي معاشي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف ????وي چيو ته بنگلاديش عورتن جي تعليم ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪري ملڪ مان غربت کي ختم ڪرڻ ۽ معيشت کي پائيدار بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته انهي طرح پاڪستان کي به پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.