اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي، ان صلاحيت کي ??ستعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مق??مي آبادي کي ??ياحت جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتستان ڪائونسل جي ٻارهين (12) سيشن جي صدارت ڪندي ڪيو. ڪائونسل گلگت بلتستان ۾ عوام کي مواصلات جي بهتر سهولتن جي فراهمي جي غرض سان نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز سپيڪٽرم جي نيلامي جي حوالي سان پاليسي ڊائريڪٽيو جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ گگلت بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع جي منظوري ڏني، گلگت بلتستان ڪائونسل جي 6 ميمبرن جي چونڊ گلگت بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع تحت ڪئي ويندي. ڪائونسل منهاس حسين، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غذر، جي جج طو?? بئنڪنگ اينڊ ڪسٽمز ڪورٽ گلگت بلتستان مق??ري جي منظوري ڏني، جناب منهاس حسين کي ??ج قومي احتساب ڪورٽ گلگت بلتستان جو اضافي جارچ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، ايجنڊا جي باقاعده منظوري کانپوءِ وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي وڏي وزير کان تازين برساتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ رليف قدمن جي حوالي سان بريفنگ ورتي، گلگت بلتستان ۾ سياحت جي صلاحيت کي ??ستعمال ۾ آڻڻ ۽ فروغ جي حوالي سان به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چي?? ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان صلاحيت کي ??ستعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مق??مي آبادي کي ??ياحتي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪئي وڃي ته جئين جتي سياحت کي فرُغ حاصل ٿئي اتي مق??مي آبادي کي ??هتر معاشي موقعا ميسر اچي سگهن.