اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ تائين ترڪي جو دورو ڪندو. ان دوري ??ور??ن صدر ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ايوان صدر جي ميِڊيا ونگ موجب ٻنهي صدرن استبول ۾ پاڪستان نيوي جي 4 ملجم بحري جهازن جي رونمائي تقريب ۾ به شرڪت ڪندا. صدر عارف علوي ميڊيا ۽ ترڪي جي مشهور ڪاروباري شخصيتن سا?? ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪي جا ڀائراڻا لاڳاپا گ??يل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي لاڳاپا هڪٻئي لاءِ احترام ۽ گ??يل اعتماد تي هموار آهن، معاشي رخن تي وڌندڙ ڌيان سا?? گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا، مختلف معاملن تي رابطا، هڪ??هڙ?? موقف ۽ مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جو عڪاس آهن.