اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شير شاهه پراچا چوڪ ڪراچي ۾ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي زيان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ??وم?? اسيمبلي ميمبر عالمگير خان جي والد ۽ ٻين فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪ??و آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان شير شاهه پراچا چوڪ ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي متاثرين جي خاندانن سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته کيس خاص طور تي اهو ٻڌي افس??س ٿيو ته انهن ڌماڪن ۾ اسان جي ??وم?? اسيمبلي ميمبر عالمگير خان جو والد به فوت ٿي ويو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ عالمگير خان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو ح??صل?? ڏي.