اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربا??يج??ن جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ ت??او?? وقت جي ضرورت آهي، اي پي پي اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذربا??يج??ن جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، فلم، ڊراما ۽ ميوزڪ جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ آذربا??يج??ن هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن اها ڳالهه ملاقات لاءِ آيل آذربا??يج??ن جي سفير خضر فرحادوف سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سمي?? فلم، ڊراما، ميوزڪ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ ت??او?? تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان سان گڏجي ظهير الدين بابر تي ه?? فلم تيار ڪئي پئي وڃي، اسان آذربا??يج??ن سان گڏ به فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ ت??او?? کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستاني ڊرامن جو ترجمو ڪري آزبا??يج??ن جي عوام کي پيش ڪري سگهجي ٿو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سياحت لاءِ خوبصورت ۽ پرڪشش ملڪ آهي، آذربا??يج??ن جي عوام فلم ساز ۽ ڊراما نگار پاڪستان جي سياحتي ماڳن مان فائدو وٺي سگهن ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته سڄي دنيا کي فيڪ نيوز جو چئلينج درپيش آهي، ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ ت??او?? وقت جي اهم ضرورت آهي، ميڊيا جي شعبن ۾ ت??او?? خاص طور پاڪستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي پي پي، اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذربا??يج??ن جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي حڪومت ملڪي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نه رڳو ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو ڪيو پر سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي اختيار ڪندي ملڪي معيشت کي به مستحڪم بڻايو، اڄ سڄي دنيا وزيراعظم عمران خان جي انهن قدمن کي ساراهي ٿي، آذربا??يج??ن جي سفير حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي ساراهيندي چيو ته عالمي ميڊيا به وزيراعظم عمران خان جي قدمن ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جون مثال دنيا جي سامهون پيش ڪيون، هن افغانستان جي باري ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪئي، خضر فرحادوف چيو ته افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ پاڪستان ۽ آذربا??يج??ن گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پراميد آهن.