اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سال 2022ع جي شروع ٿيڻ تي اسان کي تلخيون گهٽ ڪرڻ جي ض??ورت آهي، حڪ??مت ۽ مخالف ڌر اليڪشن، معيشت، سياسي ۽ عدالتي سڌارن تي ڳالهه ٻولهه ڪن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي اسان کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻ جي ض??ورت آهي. پارليامينٽ ۾ فساد عام ماڻ??و جي نظر ۾ سياستدانن جو وقار گهٽ ڪري ٿو.