اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته روزاني ڊان پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي جي اثرن ۽ ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي ??يڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ بابت خبر ته پهرين صفحي تي نمايان انداز ۾ شايع ڪئي پر اڄ ٻئي ڏينهن ان تي ڪجهه لائينن جي ??عذرت اندر جي صفحي تي غيرنمايان انداز ۾ شايع ڪئي، اهو رويو صحافت ??ي آزادي جي خلاف آهي. وفاقي وزير پنهنجي ??وئيٽ ۾ چيو ته اهو پهريون موقعو نه آهي جو ڊان فيڪ سوشل ميڊيا جي بنياد تي پهريون صفحو ڀري ڇڏيو هجي. هن چيو ته ڊان جي ??هرين صفحي تي خبر ڏسو ۽ ان خبر تي معذورت ڪٿي ڇ??ي آهي، اهو به ڏسو. هن چيو ته ان کان اڳ ڊان نيوز فيڪ ميڊيا قانون شايع ڪيو ۽ ايڊيٽوريل به لکي ڇڏيو ۽ اڄ تائين معافي ن??هي ورتي، اهو رويو صحافت ??ي آزادي جي خلاف آهي. ياد رهي ته ڊان نيوز ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي ??يڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ کي بنياد بڻائي فرنٽ پيج تي خبر لڳائي هئي. چوڌري فواد حسين ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم جو ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڊان هٿ ٺوڪي خبر ته پهرين صفحي تي شايع ڪئي ۽ ان خبر تي معذرت اندر جي ??ومي خبرن جي صفحي تي شايع ڪئي. ميڊيا جو اهو طرزعمل نه هجڻ گهرجي. اخبار معذرت به انهي صفحي تي شايع ڪري جنهن تي خبر شايع ڪئي وئي هئي ٻي صورت ۾ ان جي ڪا ضرورت نه آهي.