اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافي سان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي سطح تي هڪ وسيع البنياد مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا خانداني منصوبابندي تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي ۾ تيزي سان اضافي تي ميڊيا نمائندن سان فڪري ويهڪ دوران ڳا??ها??يندي ڪيو. هن ??يو ته ٽيليويزن ٽاڪ شوز، ڊراما سيريلز ۾ آبادي جي مسئلي تي ڌيان ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، آبادي جي مناسب انتظام جي لاءِ پارلياماني ميمبرن جي فعال ڪردار، پختي سياسي عزم جي ضرورت آهي. هن ??يو ته عوامي آگاهي جي لاءِ آبادي ۾ اضافي تي پارلياماني ڪاڪس جي ??ارروائي کي مناسب طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، ميڊيا پبلڪ سروس پيغامن ذريعي ملڪ ۾ آبادي جي ??ڻتي جوڳي شرح بابت بيداري پيدا ڪري. هن ??يو ته خانداني منصوبابندي ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو رکڻ جي ضرورت آهي، اسلام زور ڏي ٿو ته مائرون پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تائين پنهنجو کير پيارين، ٻارن کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ سان ٻارن ۾ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي ??وٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ??زي??اعظم جي صحت واري خاص ??عا??ن ڊاڪٽر فيصل سلطان ??يو ته آبادي ۾ تمام گهڻو اضافو قومي سلامتي جو مسئلو بڻجي سگهي ٿو، آبادي ۾ اضافي سان نئين نسل کي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي ??وٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.