ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن ون آن ون ملاقات ۾ معيشت، واپار ۽ ت??ان??ئي جي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن، ??لائقائي ۽ عالمي معاملن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ا?? کان اڳ روسي فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو هيڊڪوارٽرز ڪريملن پهچڻ تي صدر پيوٽن وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن، ??طرفي واپار، معيشت ۽ ت??ان??ئي خاص طور تي پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ تعاون ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. 23 سال?? کانپوءِ ڪنهن پاڪستاني وزيراعظم جو روس جو هي پهريون دورو آهي ۽ ان دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي تجديد لاءِ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.