اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي، ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، اميد آهي ته عدالت سڳوري اسان جي پارليامينٽ کي وکرجڻ ک??ن بچائيندي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان اليڪشن کان ڀڄ?? ناهيون رهيا، سڀني جون نظرون سپريم ڪور?? تي آهن. عدالت سڳوري اسپيڪر جي رولنگ تي فوڪس رکيو آهي، اميد آهي ته عدالت سڳوري اسان پارليامان کي وکرجڻ ک??ن بچائيندي. ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مصدق ملڪ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يقين آهي ته عدالت سڳوري آئين جو ڳاٽ اونچو ڪندي.