اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يورپي ڪميشن جي صدر ا??سلاوان ڊيرلين ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. يورپي ڪميشن جي صدر وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو ع??دو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪميشن جي پاڪستان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مبارڪباد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان يورپي ??ونين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن ۽ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي ??ونين جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن جي ايس پي ??لس انتظامن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ گڏيل فائديمند اسڪيم هجڻ جي ناطي ان پاڪستان ۽ يورپي ??ونين جي واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪيو آهي. وزيراعظم ارسلاوان ڊيرليين جي يورپي ??ونين ڪميشن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف يورپي ڪميشن جي صدر کي دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي ??ونين جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون کي تيز ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.