اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي ۾ چيني شهرين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ”آئرن برادرز“ تي وحشياڻي حملي تي صدمي ۽ ڏک ج?? حالت ۾ آهي، پاڪستاني سرزمين تان هر قسم جي دهشتگرد?? ۽ ??هشتگردن جي خاتمي جو پڪو پهه ڪري رکيو آهي، واقعي جي تيزي سان جاچ ڪند??سي?? ۽ ڏوهارين کي قانون موجب عبرت جو نشانو بڻائيند??سي??. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ چين جي سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو.
وزيراعظم چين جي ناظم الامور پينگ چنگ زو (Ms Pang Chunxue) سان ملاقات ڪئي ۽ واقعي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ لاءِ خصوصي تعزيتي پيغام به لکيو. وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي ۾ چينين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اطهار ڪيو ۽ چيو ته پورو پاڪستان چين جي حڪومت، عوام ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدرد?? ۽ ??فسوس جو اظهار ڪري ٿو، دهشتگردي جي ان واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،
هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي سڀاڻي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن جي گرفتار?? ۽ ??زا ڏيارڻ تائين سک سان نه ويهند??سي??، چين و??سي?? جي زندگي وٺندڙن کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائيند??سي??، هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آهني لاڳاپن تي حملو ناقابل برداشت آهي، ان عظيم ٻطرفي لاڳاپان کي متاثر ٿيڻ نه ڏيند??سي??.
وزيراعظم چيو ته فوت ٿيندڙن جا مڙهه ۽ زخمين جي احترام سان گهرن ڏانهن واپسي لاءِ سمورا انتظام ڪند??سي??، پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ ادارن جي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ فول پروف بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به لکيا جنهن ۾ هن چيو ته جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيند??سي??. وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ منصوبابندي وارو وفا??ي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله به هئا.